ڀارتي ڪرڪيٽر ميچ دوران دل جي دوري وگهي ديهانت ڪري ويو

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي پنجاب جي شهر فيروز پور ۾ هڪ مقامي ميچ دوران بيٽر اوچتو دل جو دورو پوڻ سبب ميدان تي ئي دم ڏيئي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، سوشل ميڊيا تي وائرل هڪ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هرجيت سنگهه نالي بيٽر کي دل جو دورو پيو، جنهن کانپوءِ کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر سندس ساهه جو سڳو ٽُٽي پيو.
مقامي ميڊيا رپورٽن موجب، واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن هرجيت سنگهه بيٽنگ دوران اوچتو زمين تي ڪِري پيو، مخالف ٽيم جا رانديگر ۽ ساٿي بيٽر ترت سندس مدد لاءِ پهتا، کيسCPR (دل جي ڌڙڪڻ بحال ڪرڻ) جي ڪوشش به ڪئي وئي، پر هو هوش ۾ نه اچي سگهيو.
ان کانپوءِ کيس اسپتال نيو ويو جتي ڊاڪٽرن تصديق ڪئي ته هرجيت سنگهه دل جي دوري سبب ديهانت ڪري ويو آهي.
ياد رهي ته ان کان اڳ به هڪ واقعو 2024ع ۾ پوني جي گراوري اسٽيڊيم ۾ پيش آيو هو، جتي 35 ورهين جو ڪرڪيٽر عمران پٽيل ميچ دوران دل جي تڪليف سبب ميدان تان ٻاهر نڪري رهيو هو ته اوچتو زمين تي ڪِري پيو ۽ پوءِ فوت ٿي ويو.
اهڙن واقعن کانپوءِ ڀارتي شهرن ۾ مقامي ڪرڪيٽ ميچن دوران ميدان تي طبي سهولتن جي فراهمي ۽ ايمرجنسي رسپانس تي وڌيڪ سوال اٿي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.