ڀارت پاران پاڪستان سان ڇڪتاڻ ۾ جنگي جهازن جي نقصان جو اعتراف

جڪارتا (ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا ۾ مقرر ڀارتي دفاعي اتاشي ڪيپٽن شيو ڪمار اعتراف ڪيو آهي ته 7 مئي تي پاڪستان سان فضائي جهڙپ دوران ڀارتي فضائيا جا جنگي جهاز تباهه ٿيا هئا.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڪيپٽن شيو ڪمار هڪ سيمينار دوران انڪشاف ڪيو ته ڀارتي جهاز ان ڪري ڪِريا، ڇو ته سياسي قيادت فوج کي پاڪستاني فوجي هدفن تي حملي کان روڪي ڇڏيو هو.
توڙي جو ڪيپٽن شيو ڪمار جهازن جو درست انگ ٻڌائڻ کان پاسو ڪيو پر هن تسليم ڪيو ته اسان ڪجهه جهاز ضرور وڃايا آهن.
ڀارتي اپوزيشن جماعت ڪانگريس ان بيان تي وزيراعظم کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته مودي حڪومت قوم کان حقيقتون لڪايون.
هوڏانهن انڊونيشيا ۾ ڀارتي سفارتخاني ان بيان کي حقيقتن جي ابتڙ قرار ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.