ايران مان هڪ مهيني ۾ ٻه لک 30 هزار افغان پناهگيرن جي واپسي

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران مان هڪ مهيني ۾ ٻه لک 30 هزار افغان پناهگيرن جي واپسي ٿي آهي.
تهران حڪومت دستاويز نه رکندڙ افغان شهرين کي 6 جولاءِ تائين ملڪ ڇڏڻ جي مهلت ڏني آهي.
گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت ذيلي اداري آءِ او ايم موجب انهن پناهگيرن مان اڪثريت کي جبري طور واپس موڪليو پيو وڃي.
تهران طرفان افغان پناهگيرن جي واپسي لاءِ مقرر ڪيل مهلت ختم ٿيڻ کان اڳ ايران مان افغان شهرين جي وڏي پيماني تي واپسي جو سلسلو جاري آهي.
آءِ او ايم جو چوڻ آهي ته رڳو جون جي مهيني ۾ ٻه لک 33 هزار 941 پناهگير ايران مان افغانستان واپس ويا، جن مان اڪثريت کي جبري طور ڪڍيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.