پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) اڳوڻي آل رائونڊر اظهر محمود کي قومي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جو عارضي هيڊ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو.
گذريل ٻن سالن دوران ڇهه هيڊ ڪوچ آزمائڻ باوجود پاڪستان ٽيم جي ڊگهي فارميٽ ۾ عالمي سطح تي ڪارڪردگي نمايان بهتري نه آئي، جڏهن ته پي سي بي اپريل ۾ هڪ ڀيرو وري ان عهدي لاءِ اشتهار جاري ڪيو هو.
آخري عبوري ڪوچ عاقب جاويد جيڪو گذريل ڇهن مهينن دوران سليڪٽر ۽ ڪوچ طور ذميواريون نڀائي رهيو هو، هلندڙ سال فيبروري-مارچ ۾ ٿيل آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي کانپوءِ عهدو ڇڏي چڪو آهي.
پي سي بي جي پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ” اظهر محمود کي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو عبوري ريڊ بال ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي. “
پڌرائي موجب، اڳوڻي آل رائونڊر اِها ذميواري پنهنجي موجوده معاهدي جي پڄاڻي تي انجام ڏيندو.
پي سي بي جو چوڻ آهي ته ” هڪ تجريبڪار ڪرڪيٽنگ ذهن طور اظهر محمود قومي ٽيم جي مددگار ڪوچ جي حيثيت سان خدمتون انجام ڏنيون آهن ۽ هو ڊگهي عرصي کان ٽيم جي حڪمت عملي جو اهم حصو رهيو آهي.“
پورڊ وڌيڪ چيو ته ” ڪرڪيٽ بابت گهري ڄاڻ، عالمي تجربي ۽ انگلش ڪائونٽي سرڪٽ ۾ ڪاميابي کيس ان عهدي لاءِ بهترين چونڊ بڻائي ٿي.“
You might also like