پنجن سالن تائين سئنيما تي راڄ ڪندڙ ” دنيا جو اٺون عجوبو “ شعلي پنجاهه سالن کانپوءِ مڪمل ورزن ۾ رليز

ممبئي (ويب ڊيسڪ) سال 1975ع جي مشهور هندي فلم ”شعلي “ پنجاهه سال مڪمل ٿيڻ تي ٻيهر مڪمل ورزن ۾ پيش ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ اهي منظر به شامل آهن جيڪي رليز وقت ڪٽيا ويا هئا.
شعلي 27 جن تي اٽلي جي شهر بولوگنا ۾ سئنما ريٽروواٽو ميلي ۾ڏيکاري وئي، فلم جو نئون ورزن يورپ جي سڀ کان وڏي اوپن ايئر سئنما پيازا ميگييور ۾ پيش ويو ۽ اهڙي ريت ڊگهي انتظار کانپوءِ شاندار ماحول ۾ فلم جي ٻيهر نمائش ٿي.
ڀارتي جي بلاڪ بسٽر فلم شعلي جي ڪهاڻي ليکڪ جوڙي سليم-جاويد ( سليم خان ۽ جاويد اختر) لکي هئي، جڏهن ته ڪاسٽ سورڳواسي سنجيو ڪپور، امتياڀ بچن، ڌرميندر، هيما مالني، جيا بهادري ۽ مرحوم امجد خان سميت ڪيترائي مشهور اداڪار شامل هئا.
فلم جي بحالي لاءِ ممبئي ۽ لنڊن جي آرڪائيوز مان حاصل ڪيل مواد تي ڪم ڪيو ويو.
ان ڏس ۾ هڪ بيان ۾ اميتاڀ بچن چيو ته شعلي جي شوٽنگ سندس لاءِ اڻ وسرندڙ تجربو هئي ۽ فلم جي قسمت جي تبديلي به انتهائي جذباتي سفر هو.
ڌرميندر چيو ته شعلي کي دنيا جو اٺون عجوبو سڏڻ گهرجي ۽ فلم ۾ کيس ”ويروءَ“ جو ڪردار نڀائڻ تي فخر آهي.
هن انڪشاف ڪيو ته کيس ”گبر“ ۽ ”ٺاڪر“ جي ڪردار جي آڇ ٿي هئي، پر هن پاڻ ويروءَ جي ڪردار پسند ڪيو هو.
بحال ڪيل فلم ۾ اصل پڄاڻي ۽ اهي منظر شامل آهن جيڪي پهرين ڪٽيا ويا هئا، جڏهن ته فلم کي نئين نسل جي ناظرين لاءِ پيش ڪئي پئي وڃي.
هتي هڪ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جڏهن شعلي فلم پهريون ڀيرو سئنما گهرن ۾ لڳي ته ان جو شروعات ڪجهه خاص نه هئي، ابتدائي تجزين ۾ فلم تي تمام گهڻي تنقيد ڪئي وئي ۽ باڪس آفيس تي فلم جي ڪارڪردگي به غير يقيني هئي.
مئگزين ”انڊيا ٽوڊي“ فلم کي رک جو ڍير قرار ڏنو، فلم فيئر جي نقاد بڪرم سنگهه لکيو ته ”فلم جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته اها اولهه وارين فلم کي ڀارتي ماحول ۾ زبردستي ويهارڻ جي ناڪام ڪوشش آهي.“
سندس چوڻ هو ته ” هي فلم مغربي انداز جي هڪ ناڪام ڪاپي آهي، جيڪا نه هِتان جي ٿي سگهي نه هُتان جي ٿي سگهي.“
فلمي ليکاري انوپما چوپڙا پنهنجي ڪتاب ” شعلي: دي ميڪنگ آف اي ڪلاسيڪ“۾ لکيو ته فلم جي شروعاتي شوز دوران ناظرين بلڪل خاموش رهيا، کِل، جذبات ۽ تاڙين جي گونج کان خالي، ٿيٽر ۾ رُڳي ماٺار ڇانيل هئي.
ان کانپوءِ هفتي جي آخر تائين سئنما هال ڀرجڻ لڳا، پر ماڻهن جو ردعمل اڃا به واضح نه هو ۽ پوءِ ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ فلمي شوقين شعلي دلچسپي وٺڻ لڳا ۽ ان تي ڳالهيون ٿيڻ لڳيون.
انوپما چوپڙا موجب، فلم جا منظر شاندار هئا، ڊائيلاگ جو انداز معجزاڻو هو ۽ ٽئين هفتي تائين ماڻهو اهي مڪالما ورجائڻ لڳا، جنهن جو مطلب هو ته ماڻهو فلم کي سمجهي رهيا آهن.
فلم جي رليز جي اٽڪل هڪ مهيني پوءِ پوليدور ڪمپني فلمي ڊائيلاگز جو 48 منٽن تي ٻڌل رڪارڊ جاري ڪيو ۽ ان کانپوءِ صورتحال مڪمل طور تبديل ٿي ويئي.
فلم جي موسيقار آر ڊي برمن جي گيت ۽ فلم جي مشهور ڊائيلاگز جو پنج لک کان وڌيڪ ڪيسٽون وڪرو ٿيون هيون.
شعلي جا ڪردار يادگار بڻجي ويا ” گبر سنگهه“ جيڪو ڏاڍو ڀوائتو پر انتهائي مقبول ولن هو، هڪ ثقافتي علامت بڻجي سامهون آيو.
فلم پنجن سالن کان وڌيڪ سئنما گهرن ۾ هلي، ٽي سال باقاعده شوز هليا ۽ پوءِ ٻه سال ميٽني شوز جي صورت ۾ ممبئي جي منروا ٿيٽر تي لڳاتار ڏيکاري وئي ۽ 240هين هفتي ۾ به فلم جا شو هائوس فل هئا.
اها فلم اپريل 2015ع ۾ پاڪستان ۾ به ڏيکاري وئي، ڪهاڻي بابت اڳواٽ ڄاڻ ۽ چاليهه سال پراڻي هئڻ باوجود ان فلم اهڙين ڀارتي فلمن کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري جيڪي ڏهن سالن کان به گهٽ پراڻيون هيون، جنهن ۾ شاهه رخ خان جي ” دِيوداس “ پڻ شامل هئي.
فلم جي ڊسٽريبيوٽر شيام شروف انوپما چوپڙا کي ٻڌايو ته جيئن برطانوي سلطنت بابت چيو ويندو هو ته ان جو ڪڏهن به سج نه لهندو هو، اهڙو ئي ڪجهه شعلي سان به ٿيو.
پر پوءِ به سوال اُٿي ٿو ته پنجاهه سال گذرڻ کانپوءِ به شعلي فلم ناظرين جي دلين ۾ ڇو زندهه آهي؟
ڪجهه سال اڳ اميتاڀ بچن پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ان جو سادو پر ڏاڍو گهرو جواب ڏيندي چيو هو ته ” شعلي ۾ نيڪي ۽ بديءَ کي ڏيکاريو ويو آهي، جنهن ۾ نيڪي جي بديءَ تي سوڀ کي رڳو ٽن ڪلاڪن اندر مڪمل شاعراڻي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جيڪو شايد حقيقي زندگي ۾ ڪڏهن به ڏسڻ لاءِ نه ملي. “

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.