آرمي ويلفيئر ٽرسٽ، فوجي فائونڊيشن سميت بجيٽ ۾ ٽيڪس ڇوٽ حاصل ڪندڙ ادارن ۾ واڌ، فهرست جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارليامينٽ مان منظور ٿيل فنانس بِل 2025-26 تحت انهن ادارن جي فهرست ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جيڪي اڳ ئي ٽيڪس جي ڇوٽ مان فائدو وٺي رهيا هئا.
تفصيل موجب، ان فهرست ۾ اڳوڻي صدر ۽ سندس بيواهه جي پينشن، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ ان سان لاڳاپيل بئنڪنگ سروسز ڪارپوريشن، فيڊرل بورڊ آف ريونيو فائونڊيشن، پاڪستان ڪائونسل آف سائنٽفڪ اينڊ انڊسٽريل ريسرچ ۽ واپڊا کي ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي آهي.
ان کانسواءِ، پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل، واپڊا جا ڪارپوريٽائزڊ ادارا، وزيراعظم جو دهشتگردي متاثرن جو مخصوص فنڊ، پنجاب جي وزيراعليٰ جو خيبرپختونخوا جي بي گهر ماڻهن (آءِ ڊي پيز) لاءِ رليف فنڊ، نيشنل ڊيزاسٽر رسڪ مئنيجمينٽ فنڊ ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان به ٽيڪس ڇوٽ حاصل ڪندڙن ۾ شامل آهن.
رپورٽ موجب، ديامر ڀاشا ۽ مهمند ڊيم فنڊ، وزيراعظم جو ڪووڊ-19 رليف فنڊ 2020، نيشنل انڊومينٽ اسڪالرشپ فار ٽيلنٽ، سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان، پرائيويٽائيزيشن ڪميشن آف پاڪستان، ۽ فوجي فائونڊيشن کي به ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي آهي.
ان فهرست ۾ آڊٽ اوور سائيٽ بورڊ، سپريم ڪورٽ واٽر ڪنزرويشن اڪائونٽ، بلوچستان ايجوڪيشن انڊومينٽ فنڊ، آرمي ويلفيئر ٽرسٽ، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي (ٽيڪس سال 2022 ۽ ايندڙ چار سالن تائين)، ٻوڏ، زلزلي ۽ ٻين آفتن لاءِ وزيراعظم رليف فنڊ ۽ ايڪسپورٽ امپورٽ بئنڪ آف پاڪستان جا نالا پڻ شامل آهن.
ان کان اڳ، ايف بي آر فلاحي ۽ غير مفافعي بخش ادارن لاءِ ٽيڪس ڪريڊٽ جي سهولت مهيا ڪئي هئي، پر هاڻي انهن کي سڌي ريت ٽيڪس ڇوٽ ڏئي وڌيڪ رعايت ڏني وئي آهي.
واضح رهي ته فنانس بِل 2025-26 صدر آصف علي زرداري جي منظوري کان پوءِ اڄ (سومر) تي هڪ قانوني ايڪٽ جي شڪل اختيار ڪري وٺندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.