مهيندر سنگهه ڌونيءَ پنهنجي لقب” ڪئپٽن ڪول“ جي مالڪي لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ايم ايس ڌوني( مهيندر سنگهه ڌوني ) پنهنجي مشهور ترين بڻيل لقب ” ڪئپٽن ڪول“ لاءِ ٽريڊ مارڪ حاصل ڪرڻ جي رسمي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.
ڌوني جي ٽيم طرفان اها درخواست ٽريڊ مارڪ رجسٽري جي سرڪاري پورٽل ذريعي آن لائين داخل ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ هن لقب کي قانوني تحفظ حاصل ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آهن.
واضح رهي ته ايم ايس ڌوني کي ميدان ۾ سندس ٿڌي مزاج ۽ دٻاءَ هيٺ به سنجيدا فيصلا ڪرڻ واري خوبيءَ سبب ”ڪئپٽن ڪول“ جو لقب ڏنو ويو هو، جيڪو ڪيترن سالن کان سندس سڃاڻپ بڻيل آهي.
ايم ايس ڌوني جي قيادت ۾ ڀارت انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) جا ٽئي وڏا ايونٽ ( ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ2007، ون ڊي ورلڊ ڪپ2011 ۽ چيمپيئنز ٽرافي 2013 ) کٽيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.