حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار،مرڪزي نائب صدر ستار ند، مرڪزي اڳواڻ لال جروار ۽ ايڊووڪيٽ مير پرويز دائودپوٽو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ کي پيپلز پارٽي جي ڪرپٽ حڪمرانن جي حوالي ڪيو ويو آهي. سانوڻي جي معمولي برسات سبب شهر ٻڏي ويا آهن. تعليم، صحت ۽ آبپاشي جهڙا سمورا ادارا عوام لاءِ فائدي بدران عذاب بڻيل آهن،اڳواڻن چيو ته امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي، سنڌ ۾ هٿ وٺي ڌاڙيل راڄ قائم ڪيو ويو آهي. اغوا، ڦرن ۽ نيٽو جي هٿيارن جي وڪري کي انڊسٽري ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، 26 آئيني ترميم کان پوءِ پيپلز پارٽي ۽ اتحادي حڪمرانن عدالتن کي اپاهج بڻائي ڇڏيو آهي. عوام سان ظلم ۽ جبر تي عدالتون مڪمل طور تي خاموش آهن.