تل ابيب(م ڊ)اسرائيل ۾ وزيراعظم نيتن ياهو جي حڪومت خلاف وڏو احتجاج، غزا جنگ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، تل ابيب ۾ هزارين ماڻهن وزيراعظم نيتن ياهو جي حڪومت خلاف وڏو احتجاج ڪيو، مظاهرين غزا مان يرغمالي آزاد ڪرائڻ ۾ ناڪامي تي حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي، احتجاج ڪندڙن جو مطالبو هو ته غزا جنگ کي فوري طور ختم ڪيو وڃي، ڇو ته ان سان بيگناهه ماڻهن جي زندگين کي خطرو آهي.