”لڳي ٿو ته حافظ نعيم اڃا تائين ميئر نه بڻجڻ جي صدمي مان ناهي نڪتو“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته لڳي ٿو حافظ نعيم الرحمان اڃا تائين ميئر نه بڻجڻ جي صدمي مان ناهي نڪتو.
ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته حافظ نعيم پنجاب ۾ ويهي سنڌ جي مڪاني نظام کي ٽارگيٽ ڪري رهيو آهي، اها سياسي منافقت جي انتها آهي، توڙي جو مڪاني چونڊون پنجاب ۾ ناهن ٿيون.
هن چيو ته سنڌ ۾ مڪاني نظام پنهنجي آئيني حدن اندر ڪم ڪري رهيو آهي، جماعت اسلامي جو ڪم عوام کي گمراهه ڪرڻ آهي.
سندس چوڻ هو ته ناڪاميون لڪائڻ لاءِ سنڌ حڪوم تي الزام لڳائڻ مناسب ناهي، جماعت اسلامي کي ڪڏهن عوام جي ووٽ سان ڪراچي جي ميئر شپ نه ملي، جماعت اسلامي جا ٻه ميئر آمريت جي ڪري هئا، جماعت وارن کي به هاڻ تعميري سياست ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.