هانيا عامر جي ”سردار جي 3“ جو پاڪستان ۾ پهرئين ڏينهن رڪارڊ بزنس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هانيا عامر جي فلم ”سردار جي 3“ پاڪستان ۾ رليز ٿيندي ئي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.
پنجابي فلم ”سردار جي 3“ ۾ دلجيت دوسانجهه، نيرو باجوا ۽ هانيا عامر مک ڪردار نڀايا آهن، فلم پاڪستان ۾ رليز جي پهرئين ئي ڏينهن سڀني ڀارتي فلمن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا.
اها فلم 27 جون تي ڀارت کانسواءِ ٻين ملڪن ۾ رليز ڪئي وئي ۽ پاڪستان ۾ ان کي زبردست موٽ فلم سازن کي به حيران ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ۾ ان فلم تقريبن 4.5 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪيو ۽ نه رڳو ڀارتي فلمن پر پنجابي فلمن ۾ به تاريخ لکي ڇڏي، ان فلم سلمان خان جي ”سلطان“ جي پهرئين ڏينهن جي ڪمائي جو به رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.