لاهور (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي حوالي سان هاڪاري اشارا ملڻ لڳا.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب ڀارت جو پاڪستان سان کيڏڻ جي پاليسي ۾ نرم رويو برقرار آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايشيا ڪپ هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ گڏيل عرب امارتن ۾ ڪرائي سگهجي ٿو، جڏهن ته شيڊيول جو اعلان جولاءِ جي پهرئين هفتي ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.
ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جو صدر پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين محسن نقوي آهي.
واضح رهي ته پاڪ ڀارت جنگ کانپوءِ اهي ڳالهيون سامهون آيون هيون ته ڀارتي هٺ ڌرمي سبب هن سال شيڊيول ايشيا ڪپ نه ٿيڻ جو امڪان آهي.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ هو ته پاڪستان سان ڇڪتاڻ سبب ڀارت ايشيا ڪپ نه کيڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
You might also like