ڪراچي ۾ وڌيڪ مِينهن وَسندو يا نه، ٻيو اسپيل ڪڏهن ايندو؟ موسميات کاتي صورتحال ٻڌائي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيندڙ چوماسي برساتي سسٽم ڪمزور ٿي ويو ۽ هاڻ وڌيڪ تيز برساتن جو امڪان ناهي.
ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيل چوماسي برساتن جو سسٽم ڪمزور ٿي ويو آهي ۽ هاڻ شهر ۾ وڌيڪ تيز برساتن جو امڪان ناهي رهيو، سسٽم جي نتيجي ۾ ڪراچي ۾ هڪ ڏينهن دوران 58.2 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ اها لهر ڪمزور پئجي وئي آهي.
تازي برساتي سسٽم جي نتيجي ۾ گجگوڙ سان وسڪاري جو سلسلو ختم ٿي ويو آهي پر ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران بونداباندي جو امڪان آهي.
موسميات کاتي مطابق گذريل 3 ڏينهن دوران گهٽ ۾ گهٽ 6.3 ملي ميٽر ۽ وڌ ۾ وڌ 58.2 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي، جنهن جو سبب بڻجندڙ برساتي سلسلو هاڻ ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي.
ارلي وارننگ سينٽر مطابق هاڻ شهر ۾ گجگوڙ سان تيز برسات جو ڪو امڪان ناهي پر ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ موسم جزوي يا مڪمل طور جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب بونداباندي ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته ان دوران وڌ ۾ وڌ گرمي پد 33 کان 34 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته چوماسي برساتن جو هڪ ٻيو سلسلو ملڪ ۾ 5 جولاءِ کان داخل ٿي سگهي ٿو، جيڪو ڪراچيءَ تي به اثرانداز ٿي سگهي ٿو پر انهن برساتن جي شدت بابت ايندڙ 2 کان 3 ڏينهن ۾ صورتحال واضح ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.