پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا حڪومت سوات درياهه جي ڪنڌيءَ تي حددخلين خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو، جڏهن ته سڀني هوٽلن کي مستقل بنيادن تي رجسٽر ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ويو آهي.
خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي هدايتن تي سوات ۾ چيف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير، ترجمان، ايم پي ايز ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار شريڪ ٿيا.
ذريعن موجب، اجلاس ۾ واقعي واري هنڌ پوليس جي غير حاضري تي ايس پي کان وضاحت گهري وئي، جڏهن ته لاپرواهي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو پڻ فيصلو ڪيو ويو.
اجلاس ۾ ٻوڏ واري صورتحال دوران لائيف جيڪٽس ۽ رسين جي تيز ترسيل لاءِ ڊرون خريدڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.
سوات درياهه سميت مختلف هنڌن تي قبضا بناڪنهن فرق جي ختم ڪرڻ، دريا جي ڪنارن تان قانوني ۽ غير قانوني واري کڻڻ تي پابندي ۽ بنا اجازت اڏيل هوٽلن کي ترت ڊاهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ هو ته سوات درياهه جي ڪناري تي غيرقانوني اڏاوتن جي خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ضلعي انتظاميا کي هدايت ڏني وئي آهي ته اهڙيون سموريون اڏاوتون فوري طور ڊاهيون وڃن.
هن ٻڌايو ته صوبي جي سطح تي سڀني هوٽلن کي باقاعدي طور رجسٽرڊ ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو آهي.