دبئي (ويب ڊيسڪ) دبئي جي مشهور ترين شاپنگ سينٽر ”دبئي مال” جي هڪ مهانگي ريسٽورينٽ ۾ ماني کائڻ لاءِ آيل مهمان تڏهن دنگ رهجي ويا، جڏهن کين پتو پيو ته سندن سمورو بل دبئي ۽ ابوظهبي جي ولي عهدن ادا ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽ موجب، ڪجهه ڏينهن اڳ دبئي مال جي هڪ فرينچ ريسٽورينٽ ۾ دبئي جو ولي عهد شيخ حمدان بن محمد بن راشد المڪتوم ۽ ابوظهبي جو ولي عهد شيخ خالد بن محمد بن زاهد النهيان بنا ڪنهن پروٽوڪول جي آيا، جتي هنن ٻين مهمانن سان سلام دعا ڪئي، خاموشيءَ سان ماني کاڌي ۽ پوءِ سڄي ريسٽورينٽ ۾ موجود مهمانن جو بل پنهنجي طرفان ادا ڪيو.
ريسٽورينٽ انتظاميا موجب، سمورن مهمانن جو گڏيل بل اٽڪل 30 هزار اماراتي درهم، يعني 23 لک پاڪستاني رپيا هو.
ماني کائڻ کانپوءِ جڏهن مهمانن بل بابت پڇيو ته کين ٻڌايو ويو ته شيخ حمدان ۽ شيخ خالد اڳواٽ ئي سڀني جو بل ادا ڪري ڇڏيو آهي.
ريسٽورينٽ انتظاميا بعد ۾ ان واقعي کي اعزاز قرار ڏيندي چيو ته ٻئي شاهي مهمان سادگي سان مليا ۽ سندن سخاوت مهمانن ۽ عملي تي گهرو اثر ڇڏيو.