” پهرين خبر هجي ها ته صدر نه بڻجان ها“ ٽرمپ پنهنجي عهدي مان بيزار ٿي ويو ؟

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ صدارتي عهدي کي خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيو.
هڪ بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي صدارتي عهدو سنڀالڻ بابت دلچسپ ڪئي ۽ چيو ته ”صدارت انتهائي خطرناڪ عهدو آهي، ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويئي آهي.“
هن چيو ته بي قابو ڍڳي تي سواري ڪرڻ يا ڪار ريس ۾ حصو وٺندڙ ڊرائيورن جي مرڻ جو خطرو رڳو هڪ سيڪڙو هوندو آهي، پر جيڪڏهن توهان صدر آهيو ته مرڻ جو خطرو پنج سيڪڙو هوندو آهي.
ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ”جيڪڏهن ڪنهن مون کي اڳواٽ اهو ٻڌايو هجي ها ته شايد مان صدارتي ڊوڙ ۾ حصو نه وٺان ها.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.