اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن بابت نظرثاني ڪيس ۾ فيصلي تي سخت مايوسي جو اظهار ڪيو آهي.
خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي مايوس ڪيو آهي ۽ هي فيصلو سراسر ناانصافي آهي.
سندس چوڻ هو ته لڳي ٿو ته قاضي فائز عيسيٰ جو اثر اڄ به سپريم ڪورٽ تي موجود آهي.
بئريسٽر گوهر چيو ته هي فيصلو پي ٽي آءِ سان ناانصافي آهي، آئين جي غلط تشريح ڪئي وئي آهي، هي سيٽون پي ٽي آءِ جون هيون، هاڻ ڪي پي ۾ ٽن سيٽن تي چونڊ کٽڻ واري پارٽي کي 11 مخصوص سيٽون ملنديون، جيڪو غير منصفاڻو عمل آهي.
سندس چوڻ هو ته وقت ثابت ڪندو ته هي فيصلو غلط آهي، اميد آهي ته 26هين آئيني ترميم ڪڏهن نه ڪڏهن ختم ٿيندي ۽ ان کانپوءِ جيڪا سپريم ڪورٽ ٺهندي سا چوندي ته هي فيصلو انصاف تي ٻڌل نه هو.
هن وڌيڪ چيو ته نظرثاني واري فيصلي کانپوءِ قانوني طور تي هاڻ ٻي ڪا عدالت نه بچي، هاڻي اسان اسيمبلي ۽ عوامي سطح تي احتجاج ڪنداسين.
ٻئي طرف پي ٽي آءِ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ماضي ۾ ساڳي ئي سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ جي مخصوص سيٽن واري آئيني حق کي تسليم ڪيو هو، ان وقت عدالت آئين جي روشني ۾ فيصلو ڏنو هو.
پارٽي جو چوڻ آهي ته نظرثاني ڪيس مهينن تائين عدالت ۾ هليو، پي ٽي آءِ هر قانوني دروازو کڙڪايو، هر آئيني دليل ۽ نڪتو پيش ڪيو، پر هاڻ مخصوص سيٽون رد ٿيل پارٽين ۾ مالِ غنيمت وانگر ورهايون ويون، جيڪو ملڪ جي آئيني تاريخ جو هڪ اونداهو ڏينهن آهي.
پي ٽي آءِ موجب، اڄ وري پي ٽي آءِ جي آئيني حق تي ڌاڙو هنيو ويو، انصاف جي روح کي چيڀاٽيو ويو، عوام جي ووٽ، نمائندگي ۽ اعتماد کي لتاڙيو ويو آهي.
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف کي مخصوص سيٽون ڏيڻ واري فيصلي خلاف نظرثاني درخواستون منظور ڪري، پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکندي پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏيڻ وارو حڪم ڪالعدم قرار ڏنو هو.