اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف ( پي ٽي آءِ ) کي مخصوص سيٽون ڏيڻ واري فيصلي خلاف نظرثاني درخواستون منظور ڪري ورتيون ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکندي پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏيڻ وارو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو .
سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون 77 مخصوص سيٽون بحال ٿي ويون.
قومي اسيمبلي ۾ پنجاب مان عورتن جون 11 مخصوص سيٽون، خيبرپختونخوا مان عورتن جون 8 ۽ اقليتن جون 3 مخصوص سيٽون بحال ڪيون ويون.
قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ (ن) کي 14، پيپلزپارٽي کي 5 ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) کي 3 مخصوص سيٽون ملنديون.
خيبرپختونخوا اسيمبلي ۾ عورتن جون 21 ۽ اقليتن جون 4 مخصوص سيٽون بحال ٿي ويون، جتي جي يو آءِ (ف) کي 10، مسلم ليگ (ن) کي 7، پيپلزپارٽي کي 7 ۽ اي اين پي کي 1 مخصوص سيٽ ملندي.
پنجاب اسيمبلي ۾ عورتن جون 24 ۽ اقليتن جون 3 سيٽون بحال ڪيون ويون، جن مان مسلم ليگ (ن) کي 23، پيپلزپارٽي کي 2، جڏهن ته پاڪستان مسلم ليگ ۽ آءِ پي پي کي هڪ-هڪ سيٽ ملندي.
سنڌ اسيمبلي ۾ عورتن جون 2 ۽ اقليتن جي 1 مخصوص سيٽ بحال ٿي، جتي پيپلزپارٽي کي 2 ۽ ايم ڪيو ايم کي 1 مخصوص سيٽ ملندي.