آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ پاور پلي جا اصول بدلائي ڇڏيا

آءِ سي سي پاران ٽي-ٽوئنٽي ۾ پاور پلي جي قانون ۾ تبديلي، جولاءِ کان نئون اصول لاڳو ٿيندو
دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽيٽوئنٽي ڪرڪيٽ جي پاور پلي قانون ۾ اهم تبديليءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جيڪا جولاءِ 2025 کان لاڳو هوندي.
نئين قانون موجب، هاڻ پاور پلي کي هر اننگز جي اوورن جي حساب سان طئي ڪيو ويندو.
مڪمل 20 اوورن جي اننگز ۾ پاور پلي روايتي نموني 6 اوورن تي ٻڌل هوندو، پر جيڪڏهن ميچ جا اوور گهٽايا وڃن ته پاور پلي جو دورانيون به ساڳي تناسب سان گهٽايو ويندو.
نون ظابطن موجب، نئين ضابطن موجب: 20 اوورن جي اننگز ۾ پاور پلي 6 اوورن جو هوندو.
اٺن اوورن جي اننگز ۾ پاور پلي 2.2 اوور ۽ 5 اوورز جي اننگز پاور پلي 1.3 اوورن تائين هوندو جنهن دوران ٻن فليڊرن کي دائري کان ٻاهر رهڻ جي اجازت هوندي.
آءِ سي سي جي ڪرڪيٽ ڪميٽي نئين قاعدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.