خامنه اي سامهون اچي ها ته کيس قتل ڪري ڇڏيون ها: اسرائيلي بچاءُ وارو وزير

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي دفاع واري وزير اسرائيل ڪاٽز انڪشاف ڪيو آهي ته ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي کي قتل ڪرڻ جي خواهش هئي، پر انڊر گرائونڊ هئڻ سبب هو بچي ويو.
هڪ بيان ۾ اسرائيلي وزير چيو ته خامنه اي کي اڳواٽ خبر هئي ته مٿس حملو ٿي سگهي ٿو، ان ڪري هو ڪجهه وقت لاءِ منظر تان غائب ٿي ويو هو، سندس روپوشي دوران ايراني ڪمانڊرن سان به رابطو ڪٽيل هو.
اسرائيل ڪاٽز چيو ته جيڪڏهن خامنه اي اسان جي سامهون اچي ها ته هو کيس قتل ڪري ڇڏين ها.
هن واضح ڪيو ته ايراني سپريم ليڊر کي قتل ڪرڻ جو مقصد ”رجيم چينج“ نه پر ايران کي غير مستحڪم ڪرڻ ۽ تڪرار دوران دٻاءُ وڌائڻ هو.
هڪ سوال جي جواب ۾ ته ڇا اسرائيل خامنه اي کي نشانو بڻائڻ کان اڳ آمريڪا کان پڇيو هو جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته ” اسان کي اهڙي قسم جي معاملن ۾ اجازت وٺڻ جي ضرورت ناهي هوندي. “

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.