” هاڻي هي هندو ازم کي مٽائڻ لاءِ تيار آهي“ ڪنگنا جي ظهران ممداني تي ٺٺول

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ۽ حڪمران جماعت ”بي جي پي“ جي پارليامينٽ رڪن ڪنگنا رناوت نيويارڪ جي ميئرشپ لاءِ مسلمان اميدوار ظُهران ممداني تي ٺٺول ڪئي آهي.
نيويارڪ جي ميئرشپ لاءِ مضبوط اميدوار ظهران ممداني ڊيموڪريٽڪ پرائيمري چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، سندس مخالف اينڊريو ڪوموني شڪست قبولي ورتي آهي.
ان ڏس ۾ ڀارتي اداڪارا سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي وائرل ظهران جي هڪ پراڻي وڊيو تي ردعمل ڏنو، جنهن ۾ هو ٽائمز اسڪوائر تي هندن خلاف ٿيل مظاهري ۾ موجود آهي.
ڪنگنا ٽوئيٽ ۾ لکيو ته “ سندس ماءُ ميرا نائر آهي، جيڪا ڀارت جي بهترين فلمسازن منجهان هڪ آهي جنهن کي پدما شري اعزاز ملي چڪو آهي، هن گجرات ڄائي مشهور ليکاري محمود ممداني سان شادي ڪئي، سندس پٽ جو نالو ظُهران آهي، هو هڪ هندوستاني کان وڌيڪ پاڪستاني لڳي ٿو.“
ڪنگنا چيو ته ” ظهران جي هندو سڃاڻپ سان جيڪو ڪجهه ٿيو ۽ هاڻي هو هندو ازم کي مٽائڻ لاءِ تيار آهي، واهه!! هر هنڌ هڪ ئي ڪهاڻي آهي. “
بي جي پي اڳواڻ جو اِهو تبصرو هڪ ڀارتي سياستدان جي بيان کانپوءِ سامهون آيو آهي جنهن ظهران ممداني کي سندس مبينا ” ڀارت مخالف“ موقف تي تنقيد جو نشانو بڻايو هو.
ڪانگريس جي پارليامينٽ ميمبر اڀيشيڪ سنگهوي به ظهران ممداني کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته” ڀارت کي هن جهڙن اتحادين جي گهرج نه آهي.“
هن چيو ته ” جڏهن ته ظهران ممداني پنهنجي وات کوليندو آهي ته پاڪستان جي پي آر ٽيم موڪل تي هلي ويندي آهي.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.