شنگهائي سهڪاري تنظيم ۾ پهلگام واقعي جو ذڪر نه ٿيڻ تي ڀارت تپي باهه،راج ناٿ جو پڌرائي تي صحيح ڪرڻ کان انڪار

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) ڀارتي بچاءَ وارو راج ناٿ سنگهه ايس سي او ڪانفرنس جي گڏيل پڌرائيءَ ۾ پهلگام واقعي جو ذڪر نه ٿيڻ تي تپي باهه ٿي ويو .
چين جي راڄڌاني بيجنگ ۾ ايس سي او دفاعي وزيرن جي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪانفرنس جي گڌيل پڌرائيءَ کي ڏسي ڀارتي بچاءَ وارو وزير راج ناٿ ڪاوڙجي پيو.
ڀارتي ميڊيا موجب، ڀارتي بچاءَ واري وزير راج ناٿ سنگهه ايس سي او ڪانفرنس جي گڏيل پڌرائيءَ تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايس سي او جي گڏيل اعلاميي ۾ پهلگام واقعي جو ڪو به ذڪر شامل نه هو، جنهن سبب راج ناتھ سنگهه دستخط کان انڪار ڪيو.
ميڊيا رپورٽن موجب گڏيل پڌرائي ۾ ڀارت تي بلوچستان ۾ سڌي ريت بدامني ڦهلائڻ جو الزام پڻ لڳايو ويو آهي.
واضح رهي ته هلندڙ سال اپريل مهيني ۾ والاريل ڪشمير سياحتي ماڳ علائقي پهلگام ۾ هٿياربندن جي حملي ۾ 26 ڀارتي سياح مارجي ويا هئا، جنهن کانپوءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي.
ڀارت، پهلگام حملي جو الزام پاڪستان تي مڙهيندي سنڌ طاس معاهدو معطل ڪري ڇڏيو ۽ پاڪستان تي حملو ڪيو، جڏهن ته ڀارتي جارحيت جو پاڪستان به ڀرپور جواب ڏنو.
صورتحال تي ان وقت ظابطو آيو جڏهن 10 مئي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو ته آمريڪا جي ڪوششن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ” ترت ۽ مڪمل جنگبندي“ تي اتفاق ٿي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.