ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ في تولي سون جي اگهه ۾ اڄ به واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 1335 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 56 هزار رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 1144 رپيا واڌ بعد 3 لک 5 هزار 212 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 13 ڊالر چاڙهه کانپوءِ 3343 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن ملڪ ۾ في تولو سون جي قيمت 300 سئو رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي هئي.
You might also like