خيرپور (رپورٽ: عبدالمتين مهر) خيرپور جيڪو ڪڏهن علم امن ۽ تهذيب جو ڳڙهه سڏيو ويندو هو اهو هاڻ بدامني خونريزي ۽ ڏوهارين جي راڄ ۾ تبديل ٿي ويو آهي، صرف ٻن ڏينهن اندر 9 ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿي ويا آهن، جڏهن ته پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهن يا وري ڏوهارين جي سرپرستي ۾ بيٺل نظر اچي رهي آهي، ڪوٽ پل واري علائقي ۾ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻي تڪرار تان ثناءُ الله، آفتاب، ياسين ۽ سوڀو جاگيراڻي قتل چڪا، ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد يونس اڄڻ ڳوٺ ۾ پاڻيءَ جي واري تان فائرنگ جي نتيجي ۾ رٽائرڊ استاد طالب اڄڻ ۽ امتياز اڄڻ مارجي ويا جڏهن ته چار ڄڻا سخت زخمي ٿيا، عدالت ۾ پيشي کانپوءِ موٽندڙ قيدي هاشم رند امام الدين رند ۽ سڪندر گوپانگ تي جيل اندر ٽن هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ هاشم رند موقعي تي ئي مارجي ويو، پريالوءَ ڀرسان جتوئي تڪرار ۾ 2 ڄڻا ولي محمد الرو ۽ پهلوان الرو قتل ٿي ويا، هتان جي عوام ڊي آءِ سکر فيصل عبدالله چاچڙ ۽ ايس ايس پي حسن سردار نيازي کي اپيل ڪئي آهي ته ڏوهارين خلاف قدم کنيو وڃي.