ڪراچي(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ موجود آئيني بئنچ جي جسٽس ڪي ڪي آغا ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾گهرو کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري اقبال ميمڻ کي نيب پاران جاري ڪيل ڪال اپ نوٽيس ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت ۾ نيب ڪال اپ نوٽيس خلاف اقبال ميمڻ جي داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ٽرائل ڪورٽ جي جاچ واري هدايت کي به ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو ، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته جوابدار جي پي رول کي آزادي جي مختصر مدت لاءِ اجازت آهي،نيب جي پراسيڪيوٽر چيو ته وڏو وزير صرف 48 ڪلاڪن جو پي رول جاري ڪرڻ جي اجازت ڏئي سگهي ٿو، جڏهن جوابدار عمران شيخ کي ڪيترائي ڀيرا 12 ڏينهن لاءِ آزاد ڪيو ويو آهي.