ڪراچي ۾ را جي سهولتڪاري الزام هيٺ 4 مهاڻا گرفتار

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي ۾ حساس ادارن ۽ اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ پوليس ملير قائد آباد ۾ ڳجهي اطلاع تي گڏيل ڪارروائي ڪندي ڀارتي خفيه ايجنسي "را” لاءِ ڪم ڪندڙ 4 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، گرفتار دهشتگردن ۾ محمد خان عرف گلو، جمين ملاح عرف جمن، اختر عرف فوجي ۽ غلام قادر عرف آڪاش شامل آهن،جن وٽان  هٿيار ۽ اهم تنصيبات جون تصويرون، ويڊيوز ۽ ٻيو مواد هٿ آيو آهي، ايس ايس پي ايس آءِ يو محمد شعيب ميمڻ پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته گرفتار ٿيل محمد خان سجاول جو رهاڪو آهي ۽ 2009 کان ڀارتي خفيه ايجنسي "را” ۽ بي ايس ايف جي ڪيمپ نمبر 59 ۾ ڪرنل رنجيت سان رابطي ۾ هو، گرفتار ٿيل دهشتگرد پاڪستان جون حساس تنصيبات، انهن تي مقرر اهلڪارن جي تعداد ۽ جيو ٽيگ لوڪيشنز ڀارت منتقل ڪري رهيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.