پاڪستاني حاجي کي 5 ڀيرا دل جو دورو، سعودي طبي ٽيم کيس بچائي ورتو

مڪو پاڪ (ويب ڊيسڪ) مڪي پاڪ ۾ سعودي ميڊيڪل ٽيم پاڪستاني حاجي جي حياتي بچائي ورتي، 42 ورهين جي حاجي کي 5 ڀيرا دل جو دورو ٿيو.
رپورٽ موجب مڪي پاڪ جي ڪنگ عبدالله ميڊيڪل سٽي ۾ پاڪستاني شهري کي آندو ويو، جنهن جي حالت نازڪ هئي.
ڊاڪٽر ن معائني کانپوءِ مريض کي هٿرادو ساهه تي رکيو ته جيئن سندس دل جو جائزو وٺي سگهجي.
ڊاڪٽرن فوري طور طبي امداد فراهم ڪندي ان کي اي سي ايڪسٽرا ڪارپوريل لائف سپورٽ سسٽم (اي سي ايم او) تي رکيو، جنهن سان دل کي رڳون پمپ ڪرڻ ۾ سهولت ٿي.
مريض جي حالت بهتر ٿيڻ تي دل جي رڳن کي کولڻ لاءِ اسٽنٽ وڌا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.