ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي طرفان برساتن جي اڳڪٿي کانپوءِ ڪراچي ايئرپورٽ تي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي ۽ سڀني ادارن کي چوڪس رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
جناح ايئرپورٽ انتظاميا ڪراچي ۾ چوماسي برساتن جي اڳڪٿي کانپوءِ سڀني کاتن کي الرٽ رهڻ ۽ حفاظتي قدمن جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
ايئرپورٽ اٿارٽي برسات دوران جيتن جي واڌ ويجهه سبب پکين جي سرگرمين جي وڌندڙ خطري کان به خبردار ڪيو آهي.
اٿارٽي هدايت ڪئي آهي ته پکين کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اهلڪارن کي ايئر سائيڊ تي مقرر ڪيو وڃي، جڏهن ته برسات جي پاڻي جي مناسب نيڪالي لاءِ به قدم کنيا وڃن.
واضح رهي ته موسميات کاتي ڪراچي ۾ 27 جون کان کنوڻ ۽ گجگوڙ کان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
You might also like