ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارتي گلوڪار ۽ اداڪار دلجيت دوسانجهه، هانيا عامر سان گڏ پنجابي فلم ”سردار جي ٿري“ جو ٽريلر جاري ڪيو جنهن کانپوءِ ڀارت ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو آهي.
هانيا عامر ڀارتي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي ڇانيل آهي ۽ سندس ذاتي زندگي ۽ ڪيريئر تي ڀرپور ڌيان ڏنو پيو وڃي، ڪڏهن ڀارتي ميڊيا طرفان هانيا تي تنقيد ڪئي پئي وڃي ته ڪڏهن سندس فن ۽ صلاحيتن کي ساراهيو پيو وڃي.
ڀارتي انٽرٽينمينٽ ويب سائيٽ ”بالي ووڊ لائيف“ هڪ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته هانيا عامر نه رڳو پاڪستان، پر ڀارت، سري لنڪا، افغانستان ۽ بنگلاديش ۾ به مشهور آهي.
رپورٽ موجب، هانيا عامر جي رهڻي ڪهڻي شاهوڪار آهي، هوءَ مهانگا ۽ برانڊڊ ڪپڙا پائيندي آهي، وٽس عاليشان گهر ۽ آڊي جون مهانگيون گاڏيون آهن.
ويب سائيٽ موجب، سندس سالياني آمدني 50 ڪروڙ رپين تائين آهي، جن مان 43 ڪروڙ رپيا هوءَ شوبز مان ڪمائي ٿي، جڏهن ته اشتهارن مان الڳ آمدني حاصل ڪري ٿي.
رپورٽ موجب، هانيا ٽي وي جي مشهور اداڪارن منجهان هڪ آهي ۽ هڪ ڊرامي جي قسط جو معاوضو 4 لک رپيا تائين وٺي ٿي.
رپورٽ ۾ اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته اداڪارا فلم ”سردار جي ٿري“ لاءِ ڪيترو معاوضو ورتو.
ياد رهي ته فلم سردار جي ٿري 27 جون 2025 تي سڄي دنيا ۾ رليز ڪئي ويندي، جڏهن ته پاڪ-ڀارت جي ڇڪتاڻ سبب ڀارت ۾ فلم جي رليز نه ٿيندي.
You might also like