لاهور (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل هاڪي فيڊريشن پاڪستان کي پرو هاڪي ليگ ۾ شرڪت لاءِ دعوت ڏئي ڇڏي.
ذريعن موجب، ملائيشيا ۾ ٿيل نيشنز ڪپ جو فائنل نيوزيلينڊ پاڪستان کي 2-1 تان شڪست ڏئي کٽي ورتو، جنهن ذريعي نيوزيلينڊ پرو هاڪي ليگ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ويو، پر بعد ۾ نيوزيلينڊ ٽيم پرو هاڪي ليگ ۾ شرڪت کان معذرت ڪئي.
ان کان پوءِ انٽرنيشنل هاڪي فيڊريشن پاڪستان کي دعوت ڏني ته هو نيوزيلينڊ جي جاءِ تي پرو هاڪي ليگ ۾ شرڪت ڪري، جنهن جو جلد باضابطا اعلان ڪيو ويندو.
ذريعن موجب، پرو هاڪي ليگ ۾ دنيا جون ٽاپ ٽيمون حصو وٺنديون آهن ۽ پاڪستان جي شرڪت سان نه رڳو مقابلي جو تجربو حاصل ٿيندو، پر ٽيم جي عالمي رينڪنگ ۾ بهتري به ايندي.
ياد رهي ته ماضيءَ ۾ پاڪستان پرو هاڪي ليگ ۾ شرڪت نه ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي هاڪي رينڪنگ 17هين نمبر تي هليو ويو هو.
پرو هاڪي ليگ جو ايندڙ ايڊيشن فيبروري 2026 ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.
Prev Post
You might also like