حيدرآباد (م ڊ) نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي ڪارروائي ڪندي نادرا جي حساس ڊيٽا چوري ڪري آن لائن وڪرو ڪندڙ ٻن جوابدارن کي حيدرآباد مان گرفتار ڪري ورتو. جوابدار عبدالحڪيم۽ محسن اقبال کي هٽڙي باءِ پاس وٽان ان وقت پڪڙيو ويو، جڏهن اهي ملاقات لاءِ گڏ ٿيا هئا. جاچ دوران معلوم ٿيو ته ٻن مان هڪ جوابدار نادرا جو ئي ملازم آهي، جنهن حساس ڊيٽا تائين غيرقانوني رسائي حاصل ڪري معلومات آن لائن وڪڻڻ شروع ڪئي. ٻنهي جوابدارن خلاف اليڪٽرانڪ ڪرائم ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عدالت کان ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ پڻ حاصل ڪيو ويو آهي.