ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ هيوي ٽريفڪ جي حادثن ۾ عام شهرين جي فوت ٿيڻ جو سلسلو بيهجي نه سگهيو ۽ وڌيڪ هڪ شهري ٽينڪر هيٺان اچي فوت ٿي ويو.
اڱاري جي صبح شرافي ڳوٺ ٿاڻي جي حد لانڍي فيوچر موڙ ڀرسان تيز رفتار واٽر ٽينڪر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار شخص فوت ٿي ويو.
فوتي جي سڃاڻپ 27 ورهين جي محمد فسيح پٽ عبدالباسط طور ٿي، جڏهن ته اطلاع تي پوليس پهچي واٽر ٽينڪر ڊرائيور طاهر خان کي گرفتار ڪري ٽينڪر پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.
You might also like