”دشمن سان ڀرپور مقابلو ڪرڻ تي ايراني حڪومت ۽ عوام کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايران – اسرائيل جنگبندي بابت بچاءَ واري وزير خواجا آصف جو اهم بيان سامهون اچي ويو.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته جنگبندي سٺو سنئوڻ آهي، ايران وڏي دشمن جو ڀرپور مقابلو ڪيو ۽ جارحاڻي انداز ۾ پنهنجو دفاع ڪيو.
هن چيو ته ايران جي عوام ۽ ايراني حڪومت کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو، پاڪستان کي ڀارت ۽ ايران کي اسرائيل خلاف فتح نصيب ٿي، مسلمانن کي ٻه ڀيرا فتح ملي، بس دعا آهي ته الله پاڪ غزا جي مسلمانن تي رحم ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.