موسميات کاتي سنڌ ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي 26 جون کان سنڌ ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي موجب چوماسي هوائون ملڪ جي اترين ۽ وچولن علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ هوائن ۾ وڌيڪ شدت اچڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ان سلسلي تحت 26 جون تي ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، بدين، دادو، 27 جون تي سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، خيرپور، گهوٽڪي ۾ آنڌاري ۽ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي وڌيڪ چيو آهي ته ڪراچي ۾ به جمعي کان آچر دوران آنڌاري، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.