دبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارت ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ جاري سيريز دوران انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ڀارتي ڪرڪيٽر رشڀ پنت کي تنبيهه جاري ڪري ڇڏي.
انگلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن، آءِ سي سي ڀارتي وڪيٽ ڪيپر بيٽر رشڀ پنت خلاف ضابطن جي ڀڃڪڙي تي نوٽيس ورتو.
آءِ سي سي موجب، رشڀ پنت کي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ليول ون جي ڀڃڪڙي ۾ ملوث قرار ڏنو ويو آهي، جنهن تحت کيس هڪ ڊي ميرٽ پوائنٽ پڻ ڏني وئي آهي.
واضح رهي ته ٽئين ڏينهن فيلڊنگ دوران رشڀ پنت امپائر جي فيصلي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو.
انگلينڊ جي بيٽنگ دوران رشڀ پنت بال جي حالت بابت امپائر سان بحث ڪيو ۽ جڏهن امپائر بال تبديل ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته پنت بال ڪاوڙ ۾ اچي زمين تي وهائي ڪڍيو.
You might also like