واشنگٽن (ويب ڊيسڪ ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران ۽ اسرائيل ٻنهي سندس اعلانيل جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ هو ايران مان به خوش نه آهي.
صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ” منهنجي خيال ۾ انهن ڄاڻي واڻي ائين نه ڪيو، پر مون کي اها ڳالهه نه وڻي ته اسرائيل اڄ صبح حملو ڪيو، مان ڏسندس ته مان کين روڪي سگهان ٿو.“
آمريڪي صدر جو اهو پڻ چيو ” ايران هاڻي ڪڏهن به ٻيهر جوهري صلاحيت حاصل نه ڪري سگهندو.“
جنگبندي جي اعلان بعد اسرائيلي قدمن مان خوش نه آهيان: ٽرمپ
اڱاري جي صبح صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ” منهنجي خيال ۾ (جنگبندي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ) هڪ راڪيٽ فائر ٿيو ۽ هاڻ اسرائيل پلاند وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي، کين صبر ڪرڻ گهرجي.“
سندس چوڻ هو ته کيس گذريل ڏينهن پيش آيل ڪيترائي واقعا پسند نه آيا.
هن چيو ته ” مون کي اها ڳالهه نه وڻي ته اسان معاهدو ڪيو ۽ ان کانپوءِ اسرائيل حملا ڪيا کين کي ائين نه ڪرڻ گهرجي ها.“
صدر ٽرمپ گٿن لفظن جو استعمال ڪندي چيو ” هي ٻه ملڪ آهن جيڪي ڊگهي عرصي کان شدت سان وڙهي رهيا آهن ۽ کين خبر ئي ناهي ته هو ڇا پيا ڪن.“
ايران تي بمباري ناهي ڪرڻي، پنهنجا پائليٽ واپس گهرايو، ٽرمپ جي اسرائيل کي تنبيهه
ان کان اڳ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ تي هڪ پيغا۾ آمريڪي صدر اسرائيل کي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن هن ايران تي
آمريڪي صدر اسرائيل کي مخاطب ڪندي چيو ته ” بمباري نه ڪيو، جيڪڏهن توهان ائين ڪيو ته اها سنگين ڀڃڪڙي هوندي، پنهنجن پائلٽن کي ترت واپس گهرايو.“
صدر ٽرمپ طرفان اِهو بيان اسرائيل پاران ايران تي جنگبندي جي ڀڃڪڙي جو الزام هڻڻ ۽ ٻيهر بمباري جي اعلان کانپوءِ سامهون آيو.
واضح رهي ته جنگبندي کان ڪجهه دير بعد اسرائيلي فوج طرفان دعويٰ ڪئي وئي هئي ته ايران طرفان ميزائل فائر ڪيا ويا، جن کي اسرائيلي فضائي دفاعي نظام اتر اسرائيل جي مٿان ئي روڪي ورتو.
ان بيان کانپوءِ، اسرائيلي بچاءَ واري وزير اسرائيل ڪاٽز اعلان ڪيو هو ته هن اسرائيلي ڊيفينس فورسز (آءِ ڊي ايف) کي ايران پاران مبينا جنگبندي جي ڀڃڪڙي جو جواب ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ خاص طور تي تهران ۾ ايراني حڪومت کي نشانو بڻائڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
ان کان اڳ اسرائيلي فوج اِها به دعويٰ ڪئي هئي ته ايران طرفان فائر ڪيل ميزائل جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.
آءِ ڊي ايف موجب، اسرائيلي فضائي دفاعي نظام خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي متحرڪ ۽ تيار آهي.
ان ڏس ۾ اسرائيلي ڊفينس فورسز جي چيف آف جنرل اسٽاف ايال ضمير بيان جاري ڪندي چيو هو ته ايران پاران جنگبندي جي ”سخت ڀڃڪڙي“ جو جواب ”طاقت سان“ ڏنو ويندو.
ٻئي پاسي ايران طرفان اسرائيلي الزامن کي سختي سان رد ڪيو ويو هو.
ايراني سرڪاري ميڊيا موجب، ايران جي هٿياربند فوج جي جنرل اسٽاف عبدالرحيم موسوي گذريل ڪجهه ڪلاڪن دوران اسرائيل ڏانهن ڪنهن به ميزائل فائر ڪرڻ جي ترديد ڪئي هئي.