ايران-اسرائيل ۾ جنگبندي ٿي چڪي آهي،“ پليز ان جي ڀڃڪڙي نه ڪيو“ ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آهي ته ”جنگبندي هاڻ نافذ العمل آهي، مهرباني ڪري ان جي ڀڃڪڙي نه ڪريو.“
ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ ”مڪمل جنگبندي“ جو اعلان ڪيو هو .
صدر ٽرمپ جو چوڻ آهي ته جنگبندي جي شروعات ” اٽڪل ڇهن ڪلاڪن کانپوءِ “ ٿيندي، جڏهن ٻئي ملڪ پنهنجون فوجي ڪارروائيون ”ختم“ ڪندا.
ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو آهي ته ”جنگ باضابطا طور ختم ٿي ويندي.“
صدر ٽرمپ جي بيان کان رڳو هڪ ڪلاڪ کانپوءِ ئي اسرائيل اعلان ڪيو ته هو آمريڪا جي تجويز ڪيل جنگبندي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته ايران اڳ ئي چئي چڪو هو ته جيڪڏهن اسرائيل جنگ روڪيندو ته هو به حملا بند ڪري ڇڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.