اسرائيل جنگبندي تي ڪيئن راضي ٿيو؟ اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگبندي جي اعلان بابت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل رات ٽروٿ سوشل تي هڪ پوسٽ ۾ چيو هو ته جنگبندي جو عمل اعلان کان اٽڪل ڇهن ڪلاڪن پوءِ شروع ٿيندو.
گذريل ڪجهه ڪلاڪن دوران ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ۾ ڪجهه ڊرامائي تبديليون ڏسڻ ۾ آيون آهن.
ان ڏس ۾ هاڻي وڌيڪ تفصيل سامهون آيا آهن.
بي بي سي موجب، اسرائيلي حڪومت جو چوڻ آهي ته هن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تجويز ڪيل جنگبندي تڏهن قبول ڪئي، جڏهن ”ايران تي حملن جا پنهنجا مقصد حاصل ڪيا ويا.“
بيان موجب، اسرائيل ايران جي جوهري هٿيارن ۽ بيلسٽڪ ميزائل پروگرام ختم ڪري ڇڏيو آهي.
اسرائيل جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ”هن ايراني فوجي قيادت کي سخت نقصان پهچايو ۽ ايراني حڪومت جا درجنين اهم مرڪز تباهه ڪري ڇڏيا.“
بيان ۾ چيو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي فورسز ”تهران جي مرڪز ۾ سرڪاري هدفن کي سخت نقصان رسايو، سوين بسيج اهلڪارن ۽ ايران جي هڪ ٻئي سينيئر جوهري سائنسدان کي نشانو بڻايو.“
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ” اسرائيل، صدر ٽرمپ ۽ آمريڪا جي دفاعي سهڪار ۽ ايراني جوهري خطري جي خاتمي ۾ ڀائيواري تي شڪريو ادا ڪري ٿو.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.