تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي پاسدارانِ انقلاب اسلامي (آءِ جي آر سي) جي ڪمانڊر ميجر جنرل محمد پاڪپور آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن هن ٻيهر اڳرائي ڪئي ته ايران طرفان هن ڀيري جواب اڳ کان به وڌيڪ سخت ۽ تباهه ڪندڙ هوندو.
ايراني سرڪاري نيوز ايجنسي ”تسنيم“ موجب، هي چتاءُ اُن ميزائل حملي کانپوءِ سامهون آيو آهي، جيڪو ايران سومر جي شام قطر ۾ آمريڪي فجوجي اڏي العُديد فوجي تي ڪيو.
آپريشن کانپوءِ پنهنجي بيان ۾ جنرل پاڪپور چيو ته هي اسٽريٽجڪ فوجي اڏو، جيڪو وچ اوڀر ۾ آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جو ”ڌڙڪندڙ دل“ سمجهيو ويندو آهي، ان کي آمريڪا جي ” مجرماڻي ۽ شيطاني حملن“ جي جواب ۾ نشانو بڻايو ويو.
هن چيو ته هي آمريڪي اڏو جنهن جي حفاظت لاءِ جديد دفاعي نظام موجود هو، اِهو ايراني ميزائل حملن ۾ ان کي نقصان رسيو آهي.
آمريڪي صدر تي ٺٺول ڪندي جنرل پاڪپور چيو ته هو اسرائيلي حڪومت جي تحفظ لاءِ آمريڪي عوام جي سلامتي ۽ مفادن کي قربان ڪري رهيو آهي.
جنرل پاڪپور وڌيڪ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن آمريڪا وري ايران خلاف ڪا به اڳرائي ڪئي ته کيس اهڙو سبق سيکاريو ويندو، جيڪو تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو… هڪ اهڙو پڇتاءُ جيڪو واشنگٽن کي ٻيهر ايران خلاف قدم کڻڻ کان اڳ ڪيترائي ڀيرا سوچڻ تي مجبور ڪندو.
آمريڪا ٻيهر اڳرائي ڪئي ته ان کي اهڙو سبق سيکارينداسين جيڪو تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو: پاسدارانِ انقلاب
You might also like