” ايراني حملي جو سڌي ريت جواب ڏيڻ جو حق محفوط رکون ٿا“، قطر جو گوتريس کي خط

دوحا (ويب ڊيسڪ)قطر گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي هڪ خط لکيو آهي جنهن ۾ سومر ڏينهن آمريڪا جي نگراني هيٺ العُديد هوائي اڏي تي ٿيل ايراني حملي جي مذمت ڪئي وئي آهي.
قطر جي پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته خط ۾ ان حملي کي ”انتهائي خطرناڪ“ قرار ڏنو ويو آهي، جيڪو قطر جي ”خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي“ جي کليل ڀڃڪڙي آهي.
خط جي متن موجب، ايراني پاسدارانِ انقلاب جو ميزائل حملو ”لائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ سڌو خطرو“ آهي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته قطري رياست انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته هو هن کليل جارحيت جي نوعيت ۽ ان جي پيماني موجب ۽ بين الاقوامي قانونن جي روشنيءَ ۾ سڌو سنئون جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو.
قطر جو اِهو به چوڻ آهي ته هن ايران جي سفير کي به طلب ڪري ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.