نيو يارڪ (امتياز گل) عراق جي وڏي شيعه مذهبي اڳواڻ آيت الله سيستاني ايران جي آيت الله خامنه اي جي حمايت ۾ بيان ڏنو آهي، جيڪو ايران ۽ عراق جي شيعه آبادي جي وچ ۾ هڪ نئون اتحاد ظاهر ڪري ٿو. شيعا مذهبي حوالي سان عزاداري ۽ مزاحمت جي علامتن کي اهم سمجهن ٿا، جيڪي ايران جي اتحاد لاءِ جذبو وڌائين ٿيون. ايران جي اندروني حالتن باوجود، خامنه اي جو اثر وڌي رهيو آهي، جتي عوام آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن کي پنهنجي خودمختياري خلاف سمجهي متحد ٿي رهيو آهي. آمريڪا ۽ اسرائيل جا ايران خلاف قدم رجيم چينج جي نيت تحت ورتا پيا وڃن، پر اها حڪمت عملي ناڪام ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته ايران ۾ قومپرستي ۽ مذهبي جذبو انتهائي مضبوط آهي. ٻئي طرف، لنڊن مان رپورٽ ڏيندڙ جاويد حسن ٻڌائي ٿو ته يورپ ۾ عوامي سطح تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي پاليسين خلاف جذبو آهي. خاص طور تي فلسطين جي حمايت ۾ ٿيندڙ مظاهرن ۾ گورا، نوجوان، يهودي به شامل آهن، جڏهن ته سياسي ماڻهو، ميڊيا ۽ ايليٽ ڪلاس آمريڪي لائين تي هلي رهيا آهن. اولهه ايران جي مذهبي مزاحمت جي فڪري سگهه کي سمجهي نه سگهيو آهي، جيڪا شيعا عقيدي جي قرباني ۽ ظلم خلاف بيهڻ جي نظريي تي ٻڌل آهي. ايراني قوم کي دٻائڻ جي ڪوشش نه رڳو ناڪام ٿيندي، پر خطي ۾ وڏي جنگ جو سبب به بڻجي سگهي ٿي.