اسلام آباد (اعزاز سيد/آصف بشير چوڌري) فيلڊ مارشل ۽ ٽرمپ جي ٻن ڪلاڪن واري ملاقات کانپوءِ ٽرمپ بيان ڏنو ته ايران تي حملي جو فيصلو ٻه هفتن کانپوءِ ڪندس. شايد ٽرمپ پاڪستاني ملٽري ليڊرشپ کي به مڪمل طور باخبر نه رکيو. پاڪستان پاران ٽرمپ کي امن جي نوبل انعام لاءِ نامزد ڪيو ويو هو. ان حوالي سان ڪجهه ماڻهو تنقيد ڪري رهيا آهن. ايران جي سفير رضا اميري اسلام آباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي. ان کانپوءِ ملاقات دوران سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته آمريڪي صدر ٽرمپ کي امن انعام ڏيڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته هن جنرل قاسم سليماني کي قتل ڪرايو، سندس جنگي ڏوهن جي لسٽ ڊگهي آهي. هن چيو ته ٽرمپ کي اقتدار ۾ رڳو 3 مهينا ٿيا آهن پر سندس رويي سان امن نه پر جنگ وڌي آهي. ٻئي پاسي ايران پاڪستان کان ناراض ناهي، پر سندس ٿورائتو آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان عالمي فورمن تي ايران جي حمايت ڪئي. ايران پاڪستان جون مجبوريون سمجهي ٿو جيڪي جائز آهن. پاڪستان وٽ ايٽمي هٿيار آهن هو احتياط ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ايران وٽ ايٽم ناهي، پوءِ به ان تي حملا ٿين ٿا. جنرل عاصم منير جي ٽرمپ سان ملاقات کي عالمي طور تي خاص اهميت ڏني پئي وڃي، ڇاڪاڻ ته اها غير معمولي سياسي ۽ سفارتي اڳڀرائي هئي. پاڪستان جي قيادت سڄي ملڪ کي جنگ کان بچايو. ايران جي سفير رضا اميري جي پريس ڪانفرنس لائيو نه ڏيکاري وئي، ان جي ڪنهن ته هدايت ڪئي هوندي جنهن وٽ وڏو ويزن ناهي يا احتياط ڪيو ويو آهي.
نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، اڱارو24 جون 2025ع تي شايع ٿيو