ايران جا قطر ۽ عراق ۾ آمريڪي اڏن تي ميزائل حملا

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران قطر ۽ عراق ۾ آمريڪي اڏن تي بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪري ڇڏيا.
آمريڪي ميڊيا موجب ايران طرفان قطر ڏانهن 6 بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا ويا آهن.
قطر آمريڪي فوجي اڏي تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته قطر ان جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو.
قطر طرفان وڌيڪ چيو ويو آهي ته آمريڪي اڏي تي ايراني ميزائل حملي ۾ ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو.
هوڏانهن ايران چيو آهي ته آمريڪي اڏن تي حملن کي ”آپريشن بشارت فتح“ جو نالو ڏنو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.