ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس چيو آهي ته ايران کي اسان جي ڪهڙي مدد گهرجي، اهو فيصلو ايران کي پاڻ ڪرڻو آهي.
روسي ميڊيا موجب روسي صدارتي آفيس ڪريملن جي ترجمان صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته روس ايران جي مدد لاءِ مختلف قدم کڻي سگهي ٿو پر ان جو دارومدار تي ڳالهه تي هوندو ته تهران واضح ڪري ته في الحال ان کي ڪهڙي قسم جي مدد گهرجي.
ڇا روس ايران کي ايس 300 ۽ ايس 400 فضائي دفاعي نظام سميت ٻيا هٿيار فراهم ڪندو؟ ان سوال تي ڪريملن ترجمان چيو ته سڀ ڪجهه ان تي ڀاڙي ٿو ته اسان جو ايراني دوست ڇا ٿو چاهي، اسان ٽياڪڙي جي آڇ به ڪئي آهي ۽ پنهنجو موقف واضح ڪيو آهي، جيڪو ايران جي حمايت تي ٻڌل آهي، مستقبل ۾ ايران جي ضرورت موجب فيصلو ڪيو ويندو.
ڪريملن ترجمان وڌيڪ چيو ته روس آمريڪي حملن جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ آمريڪا تڪرار ۾ شامل ڌرين جو انگ وڌائي ڇڏيو آهي، آمريڪي حملن کانپوءِ ايران جي جوهري ٿاڪن جي صورتحال ۽ تابڪاري بابت حالتن جو پتو لڳائڻ اڃا باقي آهي، حملن کانپوءِ زميني صورتحال يقينن ڳڻتيءَ جوڳي آهي.
You might also like