ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي رومانوي ڪاميڊي فلم ”لو گُرو“ ڀارتي فلم ”هائوس فل 5“ کي به پوئتي ڇڏي ڏنو.
همايون سعيد ۽ ماهرا خان جي فلم ”لو گرو“ جون باڪس آفيس تي ڪاميابيون جاري آهن، فلم هيل تائين 55 ڪروڙن جو بزنس ڪري ورتو آهي.
”لو گرو“ رڳو برطانيا ۾ رليز جي پهرئين هفتي ۾ 75 هزار پائونڊ ڪمائي ”هائوس فل 5“ جي 56 هزار پائونڊن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪمائي ڪئي آهي.
You might also like