واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اخبار ”نيو يارڪ ٽائمز“ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران جا حمايت يافتا هٿياربند گروهه عراق ۽ امڪاني طور تي شام ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي حملن جي تياري ڪري رهيا آهن.
رپورٽ مطابق هڪ اعليٰ آمريڪي عهديدار ٻڌايو آهي ته آمريڪي ڳجهن ادارن ۽ فوج کي اهڙا اشارا مليا آهن ته ايران نواز مليشيائن جي سرگرمين ۾ واڌ آئي آهي ۽ اهي آمريڪي مفادن کي نشانو بڻائڻ جي منصوبي بندي ڪري رهيون آهن.
نيو يارڪ ٽائمز جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين انهن گروهن ڪنهن به آمريڪي اڏي تي سڌو سنئون حملو ناهي ڪيو پر امڪاني حملي جي خطري کي ڏسندي عراقي حڪومت انهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ واڌارو نه ٿئي.
اها اڳڀرائي اهڙي وقت سامهون آئي آهي، جڏهن آمريڪا پاران ايران جي ايٽمي ٿاڪن تي حملن کان پوءِ سڄي خطي ۾ حالتون ڇڪتاڻ واريون ٿي ويون آهن.
You might also like