هيڊنگلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ فاسٽ بالر جسپريت بمرا چيو آهي ته ماڻهو منهنجي باري ۾ ڇا لکن ٿا ان بابت مان پريشان ناهيان ٿيندو نه ئي مان چاهيان ٿو ته ٻيا مون لاءِ رستو طئي ڪن، مان پنهنجي يقين ۽ طريقي تي قائم آهيان، جنهن طريقي تحت مان شروع کان مان ڀارت لاءِ کيڏندو رهيو آهيان.
هڪ انٽرويو ۾ بمرا چيو ته ”جيڪڏهن مان ميڊيا جون ڳالهيون دل تي وٺندس ته پوءِ مان پنهنجي راند تي ڌيان نه ڏئي سگهندس، مان هميشه پنهنجو بهترين ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ منهنجو ڌيان ان ڳالهه تي هوندو آهي ته مان گرائونڊ ۾ ڇا ڪري سگهان ٿو، ٻين ڳالهين جي پرواهه ناهي.“
بمرا چيو ته شروع کان وٺي هميشه ماڻهن وٽان ”نه“ ئي ٻڌي، پهرين چيو ويو ته نه کيڏي سگهندس، پوءِ چيو ويو ته رڳو ڇهه يا اٺ مهينا ئي کيڏي سگهندس، پر هاڻي ڏهه سال عالمي ڪرڪيٽ ۾ ٿي ويا آهن ۽ 12-13 سال آءِ پي ايل به کيڏي چڪو آهيان.
هن چيو ته ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته ” منهنجي انجري منهنجي ڪيريئر جي پڄاڻي آهي، پر مان ان بابت نه ٿو سوچيان، مان رڳو پنهنجي تياري تي ڌيان ڏيان ٿو ۽ باقي سڀ خدا تي ڇڏي ڏيندو آهيان.“
بمرا ٻڌايو ته هن اڳواٽ ئي ٽيم مئنيجمينٽ کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته هو انگلينڊ خلاف سڄي ٽيسٽ سيريز نه کيڏي سگهندو ۽ انهيءَ ڪري هن ڪپتاني جي آڇ به قبول نه ڪئي.
هن چيو ته ميدان ۾ هجڻ وقت رڳو اُن لمحي تي ڌيان ڏيندو آهيان ته پچ ڪيئن آهي، بيٽر ڇا سوچي رهيو آهي ۽ مان کيس ڪيئن مات ڏئي سگهان ٿو.
بمرا موجب، هو هر رات پاڻ کان پڇي ٿو ته ڇا هن پنهنجي پوري ڪوشش ڪئي؟ جيڪڏهن جواب ”ها“ هجي ته خاموشي سان آهلي پوندو آهي.
واضح رهي ته بمرا هلندڙ سال جي شروعات ۾ آسٽريليا خلاف انجري سبب آخري ٽيسٽ نه کيڏي سگهيو هو ۽ هاڻي انگلينڊ خلاف واپسي تي پهرين اننگز ۾ ئي پنج وڪيٽون وٺي پنهنجي صلاحيت جو ثبوت ڏنو آهي، چيلهه جي آپريشن کانپوءِ به هو ڀارتي بالنگ جو اهم حصو آهي ۽ مخالفن لاءِ خطري جي علامت بڻيل آهي.
You might also like