ايران جو هڪ ڀيرو وري اسرائيل تي ميزائل حملو، پهريون ڀيرو ملٽي وارهيڊ”قدر-ايڇ“ جو استعمال

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران جي پاسدارانِ انقلاب اعلان ڪيو آهي ته اسرائيل تي تازي ميزائل حملي دوران پهريون ڀيرو ملٽي وارهيڊ سان ليس ”قدر-ايڇ” ميزائل استعمال ڪيو ويو آهي.
ايراني خابرو اداري تسنيم موجب، پاسدارانِ انقلاب پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ايران اڄ ”آپريشن وعده صادق ٿري“ تحت اسرائيل تي 21هون حملو ڪيو، جنهن ۾ سالڊ ۽ لڪوئڊ فيولڊ بيليسٽڪ ميزائلن سان گڏ ڊرونز به استعمال ڪيا ويا.
بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حملي ۾ پهريون ڀيرو قدر-ايڇ ميزائل استعمال ڪيو ويو، جيڪو هڪ کان وڌيڪ وارهيڊ کڻي سگهي ٿو. ميزائل جي درستگي ۽ اثر کي وڌائڻ لاءِ مختلف حڪمت عمليون به اختيار ڪيون ويون.
پاسداران انقلاب موجب، ايراني ميزائلن والاريل فلسطيني علائقن ۾ اتر کان ڏکڻ تائين ڪيترن ئي هدفن کي نشانو بڻايو.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ايران جا حملا جاري رهندا ۽ والاريل علائقن ۾ رهندڙن کي هاڻي مسلسل خطري جا سائرن ٻڌڻا پوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.