گوگل طرفان يوٽيوب تي موجود ويڊيوز کي پنهنجي جديد هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي( اي آءِ ) ماڊلز، خاص طور تي جيمنائي ۽ ويو ٿري جي تربيت لاءِ استعمال ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته گهڻن مواد ٺاهيندڙن کي اهو پتو ئي ناهي ته سندن مواد ان مقصد لاءِ ورتو پيو وڃي.
سي اين بي سي جي رپورٽ موجب، گوگل يوٽيوب تي موجود 30 ارب ويڊيوز مان چونڊيل سب سيڪشن کي اي آءِ ماڊلز جي تربيت لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي.
اڃا تائين واضع ناهي ته ڪهڙيون ويڊيوز چونڊيون ويون آهن، پر گوگل جو چوڻ آهي ته هو مواد ٺاهيندڙن ۽ ميڊيا ڪمپنين سان ڪيل معاهدن جو احترام ڪندو آهي.
گوگل جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ” اسين هميشه يوٽيوب جي مواد کي پنهنجي پراڊڪٽس کي بهتر بڻائڻ لاءِ استعمال ڪندا آهيون ۽ اي آءِ جي اچڻ سان هي سلسلو تبديل نه ٿيو آهي.“
ترجمان وڌيڪ چيو ته” اسين واهپيدارن جي تحفظ جو خاص خيال رکون ٿا ۽ ان لاءِ پرعزم آهيون ته اسان جو عمل محفوظ ۽ ذميوار رهي.“
پر اهم ڳالهه اها آهي ته يوٽيوب استعمال ڪندڙن وٽ اهڙو ڪو اختيار موجود ناهي جنهن ذريعي هو پنهنجي وڊيوز کي اي آءِ تربيت واري عمل مان خارج ڪري سگهن.
يوٽيوب جي اصولن موجب، جڏهن ڪو واهپيدارن مواد اپلوڊ ڪري ٿو ته ان سان گڏ ئي هو گوگل کي ان مواد کي عالمي سطح تي استعمال ڪرڻ جو لائسنس پڻ ڏئي ٿو.
ڪيترا ئي مواد ٺاهيندڙ خدشو ظاهر ڪري رهيا آهن ته سندن ويڊيوز اهڙن اي آءِ ماڊلز کي تربيت ڏئي رهيون آهن، جيڪي مستقبل ۾ سندن ڪم جي جاءِ والاري سگهن ٿا، يا ساڻن مقابلو ڪري سگهن ٿا.