ڪوالالمپور(ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ جي هاڪي ٽيم ملائيشيا ۾ کيڏيل ايف آءِ ايڇ نيشنز ڪپ هاڪي ڪپ جي فائنل ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي لاڳيتو ٻيو ڀيرو ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي.
فائنل دنگل شام 6 وڳي شروع ٿيو، جنهن ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان کي 2 جي مقابلي ۾ 6 گولن سان شڪست ڏني. پاڪستان طرفان زڪريا حيات ۽ سفيان خان گول اسڪور ڪيا.
ان کان اڳ نيوزيلينڊ ٻئي سيمي فائنل ۾ ڪوريا کي شوٽ آئوٽ ۾ شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪوليفاءِ ڪيو هو، جڏهن ته پاڪستاني ٽيم فرانس کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهتي هئي.
فائنل ميچ دوران اسٽيديم ۾ موجود پاڪستاني تماشائي به پنهنجي ٽيم جي حوصلا افزائي لاءِ وڏي انگ ۾ موجود هئا.
پاڪستان هاڪي فيڊريشن طرفان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جاري بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان ٽيم نيشنز ڪپ جي فائنل ۾ بهادري سان مقابلو ڪيو، پر نيوزيلينڊ 2 جي مقابلي ۾ 6 گولن سان ڪاميابي حاصل ڪئي.
سيمي فائنل ۾ فرانس خلاف ڪاميابي نه رڳو پاڪستان لاءِ مسلسل ٻيو ڀيري فائنل ۾ رسائي جو سبب بڻي، پر پهريون ڀيرو ايف آءِ ايڇ مينز پرو ليگ لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ جون اميدون به وڌي ويون آهن.